ابوالحسن صغير

ابوالحسن صغير: اصل نالو غلام حسين ولد محمد صادق سنڌي، ’ابوالحسن صغير‘ جي لقب سان پوري اسلامي دنيا ۾ مشهور آهي. پاڻ 1152هه/1739ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ حجاز جو سفر اختيار ڪيائين، جتي مخدوم محمد حيات سنڌيءَ کان تعليم ورتائين (مولانا عبيدالله سنڌي، ابوالحسن صغير کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ڄاڻائي ٿو). علامه ابوالحسن پنهنجي وقت جو وڏو عالم، فقيهه ۽ محدث هو ۽ اجتهاد جي درجي تي فائز هو. پاڻ مسلڪ جي اعتبار سان حنفي هو. مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ سندس مدرسي ’الشفا‘ ۾ پاڻ حديث جو درس ڏيڻ لڳو، جتان سَوَن جي تعداد ۾ طالبن فيض پرايو. ابوالحسن صغير 25 رمضان المبارڪ 1187هه/1773ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع جي قبرستان ۾ مدفون آهي.


لفظ ابوالحسن صغيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1739.00.00  عيسوي

ابوالحسن صغير: اصل نالو غلام حسين ولد محمد صادق سنڌي ، ’ ابوالحسن صغير ‘ جي لقب سان پوري اسلامي دنيا ۾ مشهور آهي . پاڻ 1152هه/1739ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين ،


1187.09.25  هجري

ابوالحسن صغير 25 رمضان المبارڪ 1187هه/1773ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪئي ۽ جنت البقيع جي قبرستان ۾ مدفون آهي



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ محمد اسماعيل کڏي وارو
عبدالقادر انڍڙ مولانا
ڊومڪي علامه مقصود علي
عبدالڪريم قريشي ٻير وارو مولانا
علامه حاجي محمد عمر دين پوري
نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر
سيد محمد مبارڪ جيلاني
صاحبداد جمالي مفتي
شيخ فتح محمد
احمد رضا بريلوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون